وزيراعظم جي هدايتن تي اين ايڇ اي طرفان فيس بڪ تي آن لائن کليل ڪچهري

اسلام آباد (پ ر) وزيراعظم پاڪستان عمران خان وفاقي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ آن لائن کهلي ڪچري منعقد ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون. جنهن جي روشني ۾ ڪالهه مين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر ڪوآرڊينيشن عاصم امين اٿارٽي جي هيڊ آفيس ۾ اين ايڇ اي جي آفيشل فيس بڪ پيج جي ذريعي آن لائين ڪچهري جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ هن ماڻهن جي ڪيل سوالن جو جواب پڻ ڏنو، ان موقعي تي اين ايڇ اي جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. عاصم امين ٿڏي تي موٽر وي ۾ قائم دڪانن تي شين جي مهانگي اگهن تي وڪري حوالي سان شهري جي شڪايت تي چيو ته ان سلسلي ۾ خصوصي ٽيم جوڙي آهي، جيڪا دڪانن تي وڃي ريٽ معلوم ڪري ڪارروائي ڪندي. هن موٽر وي تي سفر ڪندڙن کي هدايتن ڪئي ته موٽر وي تي مهانگي اگهه تي خريداري وقت دڪاندار کان بل ضرور ورتو وڃي ۽ بل ۾ خريد ڪيل شيءَ جي اگهه به لکرائي وڃي ته جيئن وقت سر ٽيم پهچي ڪارروائي ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.