گهوٽڪي جي انورآباد محلي ۾ شيخ ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽سروٽا لڳڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نديم احمد کوسا، عامر امير، عرفان امير۔۔اسام امير۔۔اويس امير۔ اميرحمزه کوسو ۽ فيض محمد ۔محمد مسڪين ۔جميل احمد۔۔نادر علي شيخ شامل آهن جن کي گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو , جڏهن ته متاثر ڌر پاران گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي مبينا طور الزام مڙهيو ويو ته کوسه برادري پاران انهن جي عورت کي تنگ ڪيو ٿي ويو ، جنهن تي جهيڙو ٿي پيو ،هوڏانهن کوسا برداري جي ماڻهن چيو ته انهن مٿان شيخ برادري ڪوڙو الزام هنيو آهي ، ۽ سندن گهرن ۾ گهڙي بناجوازحملو ڪري کين مرڻينگ ڪيو آهي،هوڏانهن گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس ٻنهي ڌرين مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي جڏهن ته هن مهل تائين ڪابه گرفتاري عمل ناهي اچي سگهي