مورو/گهوٽڪي: شاگرد يونين جي بحالي لاءِ مختلف تنظيمن پاران ريليون

شاگرد يونين جي بحالي لاءِ مورو ۽ گهوٽڪي ۾ ريليون ڪڍيون ويون ، مورو ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان شاگرد يونين جي بحالي لاءِ مورو بائي پاس کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي ڌرڻو هنيو ويو ،ان موقعي تي وڏي انگ ۾ شاگردياڻين،۽ شاگردن شرڪت ڪئي،ريلي جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻ سردار احمد ٻرڙو،امير علي لغاري،يونس راھو،ھاشم کوسو ۽ ٻين ڪئي، سندن چوڻ هو ته يونيورسٽين جا شاگرد ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آهن، شاگرد يونين جي بحالي سان شاگردن جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور يونين بحال ڪئي وڃي ، گهوٽڪي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان شاگرد يونين جي بحالي لاءِ گرين هوٽل کان پريس ڪلب تائين زاھد شيخ، آغا جليل، ڊاڪٽر رياض رڪ، شيراز ڪولاچي، سجاد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ، ان موقعي تي ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته شاگردن جا سمورا مسئلا شاگرد يونين جي بحالي کان پوءِ ئي حل ٿي سگهن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين کي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.