ملير: اسٽيل ملز جي 4 هزار پورهيتن کي برطرفي ليٽر جاري،صدمي ۾ هڪ ملازم فوت

پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا 4 هزار کان وڌيڪ پورهيتن ۽ آفيسرن کي برطرفي جا ليٽر جاري ڪري ڇڏيا. فارغ ٿيل ملازمن کي ڪنهن به قسم جو پيڪيج يا مالي رعايتون ڏيڻ واري پاليسي کان سواءِ ئي حڪم نامو جاري ڪيو ويو . پورهيتن پاران انتظاميا جي زيادتي خلاف احتجاج ڪندي قومي شاهراهه تي ڌرڻي جي ڪوشش ڪئي وئي ، هڪ هفتو اڳ ملڪ جي سڀني کان وڏي صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل مل مان 4544 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو پروانو جاري ڪيو ويو . جبري طور فارغ ڪيل ملازمن ۾ هڪ گريڊ کان وٺي چوٿين گريڊ جا پورهيت، جڏهن ته جونيئر آفيسر، اسسٽنٽ مئنيجر، ڊپٽي مينيجر، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، مينيجر ۽ سينيئر انجنيئر شامل آهن. پاڪستان اسٽيل مل جي ترجمان احمد افضل مطابق فارغ ٿيل ملازمن کي انفرادي طور تي سندن رهائش گاهن تي ٽپال کاتي وسيلي ليٽر اماڻيا ويا آهن. ياد رهي ته 21 نومبر 2020ع تي سنڌي ماڻهن جي ترجمان روزاني عوامي آواز اهڙن ملازمن جي برطرفي بابت انڪشاف ڪيو هو. هوڏانهن آل ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران وفاقي حڪومت ۽ انتظاميا پاڪستان اسٽيل مل جي خلاف برطرفي خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي نوڪري تان فارغ ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ سان اسٽيل ملز جو ملازم حبيب الرحمان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.