لعلو رائنڪ : چور شهري جي گهر ۾ گهڙي پيا ،مزاحمت تي فائرنگ،گهرڌڻي زخمي

لعلو رائنڪ شهر ڏوهارين جو ڳڙه بڻجي ويو، سڄي شهر کي چورن ۽ ڦورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو ، لعلورائنڪ شهر ۾ چوري ۽ ڦرن جي واقعن باوجود به لعلورائنڪ پوليس جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه چري، تازو  چور چوري جي ارادي سان پورهيت عمران منگي جي گهر ۾ ڪاهي پيا جنهن دوران گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيو ۽ چورن کي ڏسي ورتو ۽ مزاهمت ڪئي پر چورن پڪڙڻ جي ڊپ کان گهر ڌڻي سچل منگي کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا.  ان دوران پاڙي وارا واقعي واري جاء تي ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ زخمي سچل منگي کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻائي ويا ، شهرين پاران آئي ڏينهن چورين ۽ ڦرن جي واراداتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو  ويو ته شهر ۾ امن ڪرايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.