آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي دفاع ۾ پي او ايف هٿياربند فوج جي ڪرنگهي جي هڏي طور خدمتون انجام پئي ڏئي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه جو دورو ڪيو، پي او ايف پهچڻ تي چيئرمين ليفيٽيننٽ جنرل بلال اڪبر آرمي چيف جو استقبال ڪيو.

ان دوران پاڪ فوج جي سربراهه کي مختلف شعبن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ مستقبل جي منصوبن ۽ جدت آڻڻ وارن قدمن جي حوالي آگاهه ڪيو ويو، آرمي چيف کي هٿياربند فوج جي آپريشنل ضرورتن تي به بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف نئين تيار ڪيل دفاعي سازو سامان جي ڊسپلي لائونج جو دورو ڪيو جتي هن برآمدات جي عالمي منصوبن  لاءِ پي او ايف جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ هٿياربند فوج جي آپريشنل ضرورتن کي ڏسندي جديد ٽيڪنالاجي ۽ گهٽ خرچ ۾ پائيدار پروڊڪشن تي غور ڪيو ويو.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه پيداوار کي وڌائڻ ۾ پي او ايف انتظاميا ۽ عملي جي تعريف ڪندي چيو ته دفاع پاڪستان ۾ پي او ايف هٿياربند فوج جي ڪرنگهي جي هڏي طور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.