ريڊمي 12 ڏينهن تائين بيٽري ٽائم واري پهرين اسمارٽ واچ متعارف ڪرائي ڇڏي

چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني شيائومي جي شاخ ريڊمي پهرين اسمارٽ واچ متعارف ڪرائي ڇڏي.

شيائومي ريڊمي جي پهرين اسمارٽ واچ چين ۾ متعارف ڪرائي آهي، هن اسمارٽ واچ جي بيٽري لائف بابت ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هي اسمارٽ واچ 12 ڏينهن جو بيڪ اپ ڏيندي.

اسمارٽ واچ جي خاصيتن ۾ 232 پي پي آءِ پڪسل ڊينسٽي ۽ 2.5 ڊي ٽيمپرڊ گلاس اسڪرين سميت 1.4 انچن جو چوڪور ڊسپلي شامل آهي.

ريڊمي جي متعارف ڪيل اسمارٽ واچ 24 ڪلاڪ دل جي ڌڙڪن جي نگراني سان گڏ پاڻي ۾ 50 ميٽر تائين ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان کان سواءِ اسمارٽ واچ ۾ آئوٽ ڊور رننگ، ان ڊور رننگ، آئوٽ ڊور سائيڪلنگ، ان ڊور سائيڪلنگ، واڪنگ سميت 7 راندين جا موڊز به موجود آهن.

 ڪمپني موجب اسمارٽ واچ ايندڙ مهيني جي پهرين تاريخ تي ڪمپني جي ويب اسٽور ايم آءِ ڊاٽ ڪام تي وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

اسمارٽ واچ جو ڊائل ڪارو، انڪ بليو ۽ آئيووري وائٽ رنگن تي ٻڌل هوندو جڏهن ته گهڙي جي اسٽريپ (پٽو) ڪاري، انڪ بليو، آئيووري وائٽ، چيري بلوسم پائونڊ ۽ پائن نيڊل گرين ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.