ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي حالانڪ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت گهٽ ٿي آهي.
سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ في تولي سون جي قيمت 1 لک 10 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون جي قيمت 257 رپيا واڌ سان 94993 رپيا آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 8 ڊالرن کان گهٽجي 1807 ڊالر في اونس آهي.