عوام ڪورونا جي خطري جي باوجود حڪومت مان ڇوٽڪارو ٿو چاهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي خطري جي باوجود عوام حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو.

ماڊل ٽائون پارٽي سيڪريٽريٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته حڪمران نفرت جي باهه ۾ پيا سڙن، جيڪڏهن حڪمرانن ان روش کي تبديل نه ڪيو ته سڀ ان جي وڪڙ ۾ اچي ويندا.

ملتان جلسي جي حوالي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ملتان جلسو هر صورت ٿيندو، جيڪڏهن قاسم باغ کي نه کوليو ويو ته پوءِ سڄي ملتان ۾ جلسا ٿيندا.

ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته عوام ۽ پي ڊي ايم قائدين کي ڪجهه ٿيو ته ڪيس عمران خان جي خلاف داخل ڪرائينداسين.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ حو ته مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز طئي ٿيل پروگرام جي مطابق ملتان جي جلسي ۾ شريڪ ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته عوام ڪورونا جي خطري جي باوجود حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهيون ٿا، پي ڊي ايم جو پهريون مرحلو پرامن مڪمل ٿيندو، ٻئي مرحلي ۾ نئين حڪمت عملي سان گڏ اينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.