منور بلوچ جي لکڻين جو عنوان هميشه سنڌ رهيو: مقرر

گڏاپ (ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد پناھه خان بوزدار سينيئر صحافي مير علي گوهر بلوچ ۽ عوامي پريس ڪلب رتوديرو جي صدر مظفر علي بلوچ جن جي ڀاءُ صحافتي پيشي سان آخري دم تائين لاڳاپيل شاهه لطيف جي پارکو شھيد منور علي بلوچ جي 9 ورسي سندس اباڻي ڳوٺ فقير محمد هاشم بوزدار ۾ اڄ ملهائي وئي جنهن ۾ سياسي ، سماجي اڳواڻن ,اديبن ,صحافين ۽ علائقي جي معزز شخصيتن گڏاپ پريس ڪلب جي صدرراجا ادريس خان,شھدادڪوٽ جي صحافين محمد اسحاق بوزدار ,محمد يونس , پ پ اڳواڻ حاڪم علي بوزدار,محمد يوسف بوزدار,غلام نبي بوزدار ,محمد زمان خان,گداحسين ,عرفان گوهر ,محمد حيات ,واجد علي ,پرويز علي ,اميد علي ,جي يو آء اڳواڻ محمد پڃل عوامي پريس ڪلب رتوديرو جي صحافين چيئرمين عبدالله ڀٽو,عصمت الله ڀٽي,صوفي ڪنور لال ماکيجا,صدام ٿهيم ,اعجاز پهوڙ,خادم جلباڻي ,جاويد جلباڻي,عرفان اوڍاڻو,آدم خان بوزدار,عيسي خان بوزدار ,عبدالجباربوزدار,همٿ علي بوزدار,گلاب خان ,غلام علي بوزدار,راشد بوزدار,عبدالوهاب بوزدار ,محمد مراد اڍو ,محب ديناري شرڪت ڪئي.ان موقعي مقررن شھيد ڊاڪٽر منورعلي جي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته شھيد جي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاء ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته شهيد منور علي سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ صحافت ڪئي ۽ هو آخري گهڙي تائين صحافت سان واڳيل رهيو ۽ هو روزاني فاسٽ ٽائيمز اخبار ۾ بحيثيت بيروچيف لاڙڪاڻو فرض انجام ڏيندو رهيو ۽ ان جي ڪالم توڙي  آرٽيڪلن جو عنوان هميشه سنڌ ئي هوندو هو هن ضياء جي آمريت جي دور ۾ به سنڌ جي مظلوم ماڻھن جي مٿان ٿيل ظلمن خلاف پنهنجي ڪالم ۽ آرٽيڪلن ذريعي آگاهي ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.