دڙي ۾ معذور ڪوٽا جا حقدار نظر انداز، احتجاج

دڙو ( ن ع آ ) دڙي ۾ محمود واھ ڀرسان رهندڙ وارڊ 5 جي رھواسي معذور نوجوان اختر ميمڻ معذور ڪوٽا تحت آيل سرڪاري نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف شھيد نجم الدين روڊ تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي هن ٻڌايو تہ جواني ۾ معذوري جو درد ڀوڳي رهيو آهيان معذور ڪوٽا تحت نوڪري جو حقدار آهيان پر ڊي سي آفيس سجاول ۾ باربار درخواستون جمع ڪرائڻ باوجود نظر انداز ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر زيادتي آهي هن ڊي سي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ معذور ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.