مشرف ڪيس فيصلي تي توهين جوڳا بيان: وزير ۽ خاص مددگار عدالت طلب

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي فيصلي بابت توهين جوڳن بيانن تي وفاقي وزيرن ۽ خاص مددگارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزيرن جي توهين جوڳن بيانن جي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس روح الامين ۽ جسٽس اعجاز ڪئي.

جسٽس روح الامين ريمارڪس ڏنا ته جن عدالت جي توهين ڪئي آهي، اهي ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻ پيش ٿين.

ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل عامر جاويد عدالت کي اپيل ڪئي ته ڌرين طرفان اسان ڪيس ۾ پيش ٿينداسين ۽ دليل ڏينداسين.

جسٽس روح الامين اپيل کي رد ڪندي حڪم ڏنو ته عدالت جي توهين ڪندڙ پاڻ پيش ٿين ته پوءِ اوهان کي به ٻڌنداسين.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي وزيررن کي پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته گذريل سال 17 ڊسمبر تي اسلام آباد جي خاص عدالت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو  هو.

لاڏاڻو ڪري ويل پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ خاص عدالت جي سربراهه جسٽس وقار سيٺ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اهو فيصلو ٻڌايو هو.

فيصلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي جسٽس وقار سيٺ پيرا 66 ۾ لکيو هو ته ڦاهيءَ کان اڳ پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته سندس لاش کي ڊي چوڪ تي آڻي 3 ڏينهن تائين ٽنگيو وڃي.

مشرف غداري ڪيس جو تفصيلي فيصلو اچڻ کان پوءِ حڪومتي ٽيم وفاقي حڪومت جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن ۾ ان وقت جي سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر شريڪ ٿيا هئا.

ان دوران انهن خصوصي عدالت جي ججن خلاف توهين جوڳا بيان ڏنا هئا، ان کان سواءِ ٻين وزيرن به فيصلي بابت بيان ڏنا هئا، جنهن جي خلاف خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل عدالت جي توهين جي رٽ داخل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.