ڪراچي جي مسئلن جو مستقل بنيادن تي حل اڻٽر آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جو مستقل بنيادن تي حل اڻٽر آهي، سانوڻي ۾ ڪراچي ۾ نقصانن جو سبب نالن تي اڏاوتون آهن.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪراچي ٽرانسفرميشن پلان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سميت وفاقي وزيرن شيخ رشيد، اسد عمر، فيصل واوڊا، ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪراچي ٽرانسفرميشن پلان تحت 100 کان وڌيڪ پراجيڪٽن جي منصوبابندي تي غور ڪيو ويو ۽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبا 1.117 ٽريلين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندا، منصوبن کي 3 حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو مستقل بنيادن تي حل اڻٽر آهي، سانوڻي ۾ ڪراچي ۾ نقصانن جو سبب نالن تي اڏاوتون آهن، جڏهن ته حد دخليون هٽائڻ لاءِ اڳ ۾ رهواسين لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

هن ڪي فور جي صلاحيت ۽ فائدا وڌائڻ لاءِ سفارشون جوڙڻ ۽ منصوبابندي جي وزارت تحت ٽيڪنيڪي ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.