خيرپور: پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ پاران بلاول وساڻ قتل خلاف احتجاجي ريلي

خيرپور ۾ پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ پاران بلاول وساڻ قتل ڪيس خلاف سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي پ پ پ سٽي ليڊيز ونگ نائب صدر ميڊيم شازيه پٺاڻ ، ممتاز ميمڻ ، شاهده بلوچ ، نصرت منڱڻيجو ،روزينه خاصخيلي ، حسنه خاتون ،مومل ،زليخان ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي شازيه پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپور جي پوليس آفيسر جنيد بلاول وساڻ کي اغوا ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ،جنهن جي جيتري به مزمت ڪجي گهٽ آهي، هنن چيو ته واقعو انتهائي افسوس جوڳو آهي، جنهن تي خيرپور جو عوام ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ، آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بلاول وساڻ قتل ڪيس جون اصل حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن، ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.