ميرپور ماٿيلو : ميونسپل ڪاميٽي پاران ڪورونا کان بچاءَ لاءِ شهر ۾ اسپري

ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو جي انتظاميه پاران ڪورونا وائرس کان بچاء لاء شھر ۾ فائر برگيڊ گاڏي ذريعي اينٽي وائرس اسپري ڪرايو ويو، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي عثمان عبدالله جي حڪم تي ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو جي عملي پاران سموري شھر ۾ فائر برگيڊ گاڏي ذريعي ڪورونا وائرس کان بچاء لاء اينٽي وائرس اسپري ڪرايو ويو، ايڊمنسٽريٽر شھريار خان ۽ سي ايم او سلمان لنڊ جي نگراني ۽ موجودگي دوران جي ٽي روڊ، ڀٽائي چوڪ، ڪلمه چوڪ ۽ ٻين ھنڌن ۽ روڊ رستن توڙي عمارتن کي پريشر ذريعي ڦوھارو ڪيو ويو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.