مورو شهر جي ايليمينٽري ڪاليج وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن تشدد ڪري 22 ورهين جي نوجوان مختيار سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد لاش ايليمينٽري ڪاليج مورو ۾ اڇلائي ويا ، مورو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال پھچايو ، واقعي واري هنڌ تان پسٽل مئگزين سميت هٿ آيو آهي جيڪو پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، وڌيڪ جاچ جاري آهي.