”منهنجو تجربو آهي ته حڪومت وڌيڪ نه هلي سگهندي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز، نواز شريف سان وفاداري سبب جيل ڪاٽي رهيا آهن.

جاتي امرا ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ جهڙيون حالتون ٿي ويون آهن هن حڪومت جو وڃڻ ٺهي ٿو، منهنجو تجربو آهي ته حالتون ڏاڍيون خراب آهن، حڪومت وڌيڪ نٿي هلي سگهي.

هن چيو ته گئس بحران اچڻ وارو آهي، بجلي جو بل هڪ هڪ لک رپيا اچي رهيو آهي، اڄ حڪومت اسرائيل سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڪشمير جو ڪيس توهان هارائي چڪا آهيو، هاڻ جج به چئي رهيا آهن ته اهي حڪومت مان تنگ آهن، هاڻ ته ماڻهو عمران خان کي ان لائق به نٿا سمجهن ته ان تي ڪو الزام هڻن، اهي وڏن تي الزام ٿا هڻن، عمران خان پنهنجي سليڪٽرن جي مٽي به پليت ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن مان جيل ۾ هيس ته مون کي ڪوئن جو بچيل کاڌو ڏنو ويندو هو، مون کي دوائون به صحيح نه ڏنيون وينديون هيون، جڏهن ته نواز شريف کي مان ئي پاڪستان موٽڻ کان روڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.