ملڪ ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان ظلم بند ڪرايو وڃي: ٺٽي ۾ سيمينار

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي جي سياسي، سماجي اڳواڻن، تعليمدانن، قانوني ماھرن ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلمن جو ذميوار رياست کي قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي تہ عورتن ۽ ٻارڙن تي ٿيندڙ تشدد خلاف سخت قانون جوڙي ان تي عملدرآمد ڪرايو وڃي تہ جيئن ملڪ ۾ حوا ڄائين کي تحفظ فراھم ٿي سگھي، رياست جي غير ذميواري سبب ملڪ ۾ عورتون تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. اھڙو اظھار ايس آر او پاران آواز فائونڊيشن ۽ اجالا فائونڊيشن جي سھڪار سان مڪلي ۾ ” حوا ڄائين سان ظلم آخر ڇو“ جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار کي قانوندان ۽ عوامي شاعرہ گل بيبي شاھ، سماج سڌارڪن خدا بخش بھراڻي، غلام حسين خواجہ، رشيد احمد جاکرو، تعليمي ماھر فضا شاھ، صحافين منصور جلالاڻي، رحمت الله ڇٽو، رئوف بروھي، سماجي اڳواڻ عرفان سمون، عبدالحفيظ شريفاڻي، عورت اڳواڻ نسيم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ اندر حوا ڄائين سان ظلم جون ڪاروايون وڌي ويون آھن پر رياست پنھنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، رياست جي غافل ٿيڻ سان معصوم ٻارڙن تي بہ ظلم جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن، ھن وقت حالت اھا آھي جو 2 سال جي معصوم ٻارڙين سان بہ ڏاڍاين جا واقعا پيش اچي رھيا آھن، جيڪو ھِن رياست مدينا جي دعويدار لاءِ ھڪ ڀيانڪ حقيقت آھي. ھنن چيو تہ عدالتون بہ عورتن ۽ ٻارڙن سان انصاف نٿيون ڪن، پوليس جو تہ ڪردار ئي ختم ٿي ويو آھي، پوليس ھاڻي ڀوتارن ۽ منشيات فروشرن جي ساٿاري بڻيل آھي، پوليس مظلومن سان وڌيڪ ظلم ڪري ٿي. ھنن چيو تہ ملڪ ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادين ۾ اضافو ٿيو آھي، رياست جي عدم دلچسپي سبب معاشري ۾ برايون جنم وٺي رھيون آھن، جڏھن تہ دارلامان بہ عورتن لاءِ عذاب گھر بڻجي ويا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.