گھوڙاٻاري (ن ع آ ) ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر گھوڙاٻاري عبدالغفار شيخ پاران ور شهر جو دؤرو رورل هيلٿ سينٽر ور جي وزٽ ڪرڻ بعد شھر ۾ ھوٽلن ۽ دڪانن تي ڇاپا هنيا ھوٽل ۾ ويٺل ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جو چيو ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ ھوٽل مالڪن دڪاندارن کي ماسڪ پائڻ جي سختي سان تنبيهه ڏني منافعي خور دڪاندارن کي سرڪاري ريٽ لسٽ تي سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ڪجھ دڪاندارن ٽي ڏنڊ به وڌا ويا.