ملاحن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن: آدم گندرو

ٺٽو(بيورو چيف)سنڌ ملاح فورم تعلقي گھوڙاٻاري جو اجلاس سنڌ ملاح فورم سنڌ جي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو جي صدارت ۾ ور شھر ۾ ملاح اڳواڻ حاجي اڪرم ملاح جي رھائشگاھ تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح، تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر شريف ملاح، حاجي اڪرم ملاح، مسڪين جمن ملاح سميت سمورن عھديدارن ۽ برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملاحن جي جائز مسئلن تي غور ويچار ڪري ورشھر ۾ قائم سمورين اٽي جي ملز ۽ چڪين تي ملاوٽ وارو اٽو وڪرو ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي اٽي ۾ ملاوٽ ڪندڙ ملز وارن خلاف ڪاروائي ڪري ملاحن کي بنيادي سھولتون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، محمد شريف ملاح ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ڌرتي جي اصلوڪن وارثن کي سنڌ حڪومت نظر انداز ڪري کين ھن جديد دور ۾ بہ صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، صاف پاڻي سميت سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکيو ويو آھي. ھنن چيو تہ ضلعي ٺٽي سميت ور شھر مھنگائي عروج تي آھي.جتي قائم سمورين اٽي جي ملز توڙي چڪين تي ھٿرادو اٽي ۾ ملاوٽ ڪري ھٿ سان عوام کي مختلف پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.