ارجنٽينا کي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ڊياگو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو

 

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي دنيا جو عظيم رانديگر ڊياگو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو.

ارجنٽائن ميڊيا موجب ميراڊونا دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق سندس وڪيل به ڪئي آهي.

وڪيل جو چوڻ آهي ته ميراڊونا جو لاڏاڻو گهر ۾ ٿيو.

60 ورهين جي فٽبالر ڪجهه ڏينهن اڳ دماغ جي ڪامياب سرجري ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو هو.

ميراڊونا ارجنٽائن فٽبال ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان رهيو ۽ پنهنجي وقت جو عظيم رانديگر هو، جنهن جي قيادت ۾ ارجنٽينا 1986 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو.

ڊياگو ميراڊونا ارجنٽائن ٽيم جو ڪوچ به رهيو پر 2010 جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي سبب کيس عهدي تان هٽايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.