حيدر علي ڪيويز کي پريشان ڪري ڇڏيو

 

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين حيدر علي چيو آهي ته مون کي نيوزيلينڊ ۾ کيڏڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي، جڏهن ته نوجوان بيٽسمين حيدر علي به قومي اسڪواڊ جو حصو آهي.

ان حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ حيدر علي جو چوڻ هو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي پنهنجي نيچرل گيم کيڏان، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏڻ جو تجربو آهي، تنهن ڪري نيوزيلينڊ ۾ کيڏڻ ۾ ڏکيائي پيش نه ايندي.

هن چيو ته ڪنڊيشن ڪهڙي به هجي پنهنجي انداز ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پاڪستاني پچون به سٺيون آهن پر تيز وڪيٽن تي کيڏڻ جو وڌيڪ مزو ايندو آهي.

سندس چوڻ هو ته مان ٽيم ۾ اچڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي، ٽيپ بال سان راند شروع ڪيم ۽ پوءِ هارڊ بال سان کيڏڻ لڳس، ان دوران فيملي ڏاڍو سپورٽ ڪيو ۽ حوصلا افزائي ڪئي، قومي سطح تي آيس ته بابر اعظم منهنجو حوصلو وڌايو.

حيدر علي موجب منهنجي ڪوشش آهي ته سٺو ۽ ڊگهو کيڏان، ڀارتي اوپنر روهت شرما کي پسند ڪندو آهيان، ڪور ڊرائيور منهنجي فيوريٽ شاٽ آهي پر مون کي بابر اعظم جي ڊرائيور پسند آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انگلينڊ دوري دوران يونس خان جي ڪوچنگ ۾ گهڻو ڪجهه سکيو، هاڻ به يونس خان ٽيم سان گڏ آهي ۽ ان جي موجودگي جو فائدو وٺندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.