نوابشاهه: جنسي تشدد جي تحفظ جي قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي:سماجي اڳواڻ

عورتن تي جنسي تشدد جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان  نوابشاهه ۾ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جي جنسي تشدد جي تحفظ جي قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، اين ڊي ايف جي طارق حسين چنڙ، منٺار علي مگسي، ياسين خاصخيلي، دلمراد مري، نثار ديناري ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليمي نصاب ۾ روزمره جي مهارتن جي تربيت يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ٻارن کي اخلاقي تربيت ملي سگهي، ھنن چيو ته زيادتي ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا جو اعلان ڪيو وڃي، ھنن چيو ته پوليس ٿاڻن تي ڏاڍائي جي شڪار عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ مناسب ۽ آسان شڪايت ڪرڻ جو طريقيڪار  جوڙيو وڃي  ۽ پوليس عملدارن جي تربيت ۾ جنسي تشدد جي حساسيت جي تربيت کي لازم قرار ڏنو وڃي ۽ ٿاڻن ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جي جنسي تشدد جي تحفظ لاءِ خاص عورتن جي ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته زيادتي جي شڪار عورتن تي ٿيندڙ الزام تراشي کي روڪيو وڃي ۽ الزام لڳائيندڙن خلاف سخت سزا جو اعلان ڪيو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.