علي موسيٰ گيلاني جي گرفتاري جي مذمت، بنا دير آزادي جو مطالبو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ملتان پوليس پ پ اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني کي گرفتار ڪندي ڄاڻايو آهي ته پنجاب حڪومت طرفان ڪورونا سبب ريلين تي پابندي هئي پر ان باوجود ريلي ڪڍڻ تي علي موسيٰ گيلاني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

بلاول ڀٽو زرداري اهڙي گرفتاري تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته علي موسيٰ گيلاني جي گرفتاري سليڪٽڊ حڪمرانن جي غنڊا گردي آهي، ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت هاڻ عوامي تحريڪ کي طاقت سان دٻائڻ چاهي ٿي.

هن علي موسيٰ گيلاني جي بنا دير آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته پرامن سياسي سرگرميون، احتجاج عوام جو حق آهي ۽ اهو روڪڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.