قاضي احمد لڳ ڳوٺاڻن جو عورتن سميت سردار خلاف احتجاج

قاضي احمد ( ن ع آ )  سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ملا سانڌ جي رھواسين رجب ڪيريو، غلام رسول ڪيريو، علي نواز ڪيريو، مسمات نوربانو، مسمات لعل خاتون، مسمات شھربانو ڪيريو ۽ ٻين معصوم ٻارڙن سان گڏجي قاضي احمد پريس ڪلب چوڪ اڳيان مين روڊ تي سڪرنڊ جي بااثر سردار ۽ جوابدارن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ اسان جي مخالف ڌر جي غلام مصطفى ڪيريو، محرم ڪيريو، عبدالرشيد ڪيريو ۽ ٻين اسان جي گھرن تي بناجواز حملو ڪري اسان جي ٻن عورتن مسمات شھربانو ۽ مسمات نوربانو کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا ھئا، جنھن جو ڪيس جوابدارن خلاف کڏھر ٿاڻي تي داخل ڪرايوسين، جوابدار بااثر ھجڻ ڪري پوليس کين گرفتار نه ڪيو جوابدارن کي بااثر سردار عبدالستار ڪيريو جي پٺڀرائي حاصل آھي ھنن چيو ته  پوليس بااثر سردار عبدالستار ڪيريو ۽  پوليس جانچ آفيسر ارشاد وسطڙو جي چوڻ تي ڪيس کي( B ) ڪلاس ڪري ختم ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته جوابدار آزاد ھجڻ ڪري اسان کي وڌيڪ مالي جاني نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن،جان کي خطرو آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.