ڪڍڻ ۾ گئس جي بندش، رڌپچاءُ ۾ ڏکيائي، احتجاج

ڪڍڻ (رپورٽ:بابو کوسو)  ضلعي بدين جو تاريخي شهر ڪڍڻ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شهرين لاءِ عذاب بڻجي وئي. گذريل ٽن مهينن کان گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين سول سوسائٽي جو پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو  ڌرڻو گئس جي ٽن مهينن جي شديد کوٽ خلاف پريس ڪلب ڪڍڻ اڳيان  ڌرڻي جي اڳواڻي ممتاز جت  امتياز علي خواجا ڊاڪٽر عرفان علي چانڊيو گلداد پٺاڻ نقاش جمالي حميد نوتيار ممتاز علي ملاح جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنن ڌرڻي کي خطاب ڪندي  چيو ته بدين ضلعو ملڪ جي گئس جي پيداوار ڏي ٿو انهي جي کپت پوري ڪري ٿو بدين ۾ نه وڏا ڪارخانا آهن نه بدين ۾ چوري آهي پوء به ڪڍڻ جي شهرين کي صرف رڌ پچاء لاء گئس ڪونه ٿي ملي شهري عذاب ۾ آهن. معصوم ٻارڙا بغير ناشتي اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن. هنن الزم هڻندي چيو ته ريجنل آفيسر جي نااهلي آهي يا موجوده نئين پاڪستان جي وفاقي سرڪار جو ڪارنامو آهي جو بدين واسي پنهنجي وسيلن هوندي گئس کان محروم آهيون هنن چتاء ڏنو ته جيڪڏهن گئس نه ڏني ويئي ته ريجنل آفيس جو گهيراء ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.