ٿر ۾ سپريم ڪورٽ جي سفارشن موجب مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

مٺي (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ٿر بابت ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي حوالي سان ايڊيشنل  ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر  سيد ڪبير شاھ جي سربراھي ۾ سندس آفيس ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي جنھن ۾ صحت، تعليم خوراڪ، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، لائيو اسٽاڪ، ٻيلي کاتي، روڊس کاتي، سمال ڊيم، بھبود آبادي کاتي، ورڪس اينڊ سروسز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ـ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سيد ڪبير شاھ  سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن تي زور آڻيندي چيو ت ٿر جي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاء لاڳاپيل کاتن کي سنجيدگي سان ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ لاء پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جئين وڌ کان وڌ انھن کي فائدو پھچي سگھي. گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل کاتن پاران گذريل گڏجاڻي ۾ ٿيل فيصلن بابت ڪيل ڪارڪردگي بابت تفصيلي آگاھي ورتي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بھتر بنائڻ ۽ مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ لاڪيل ڪارڪردگي بابت تفصيلي آگاھي ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.