ڪوئلي جي رٿائن ٿرين کي ترقي بدران دربدر ڪري ڇڏيو آهي:محمد علي شاهه

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ بنا قانون جي زمينون حاصل ڪري ٿرين کي دربدر ڪرڻ کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي پاليسي جوڙڻ جي گهر ڪئي وئي. اهڙي گهر الائنس فار ڪلائميٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي پاران منعقد ڪيل هڪ آن لائن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. خطاب ڪندي پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاه چيو ته حڪومت ٿر جي ماڻهن سان واعدو ڪيو هو ته اها ڪوئلي جي منصوبن جي ذريعي مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي، جڏهن ته عملي طور تي ڪوئلي جي انهن منصوبن لاءِ زمين حاصل ڪرڻ دوران ڪيل ناانصافين ترقي جي ان سهڻي خواب کي هڪ ڀوائتي خواب ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ڪوئلي جي نالي تي ٿر ۾ ٿيندڙ نام نهاد ترقي ٿر جي مقامي ماڻهن کي جبري بي دخلين، معاشي وسيلن جي خاتمي، بي وسي، غربت ۽ احساس محرومي کانسواءِ ڪجه ناهي ڏنو. هن چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي منصوبن لاءِ زمين حاصل ڪرڻ ۽ بي گهر ماڻهن جي بحالي توڙي آبادڪاري سان لاڳاپيل فيصلا ڪرڻ ۾ مرڪزيت، آفيسر شاهي جي گهڻن اختيارن ۽ شفافيت جي غير موجودگي سبب مقامي ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. معاوضن جي ادائگين ۾ ٿيندڙ غير ضروري دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته موجوده حالتن جو فائدو رڳو انهن نجي ڪمپنين کي ٿي رهيو آهي، جيڪي هر ايندڙ ڏينهن هزارين ايڪڙ زمين والاري رهيون آهن. هن گهر ڪئي ته تجويز ڪيل پاليسي جي جاري ٿيڻ تائين ٿر ۾ ڪا به نئين زمين حاصل ڪرڻ جو سلسو بند ڪيو وڃي. آلٽرنيٽو لاء ڪوليڪٽو جي نمائندي ايڊوڪيٽ سيد غضنفر چيو ته لينڊ ايڪوئيزيشن ايڪٽ 1894ع جهڙا قانون، جن هيٺ ٿر ۾ زمين حاصل ڪئي پئي وڃي، اصل ۾ برطانوي نو آبادياتي دور جا قانون آهن، جن ۾ مقامي ماڻهن ۽ مالڪن جي ملڪيت ۽ ٻين انساني حقن جي حفاظت نه هئڻ برابر آهي. اها ڳاله انتهائي افسوس جوڳي آهي ته ٿر ۾ حڪومت پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ بدران نجي ڪمپنين جي مفادن جي حفاظت ڪري رهي آهي. جي مقامي ماڻهن جي نمائندي جان محمد هاليپوٽو چيو ته نالي ماتر ترقي جي نالي تي مقامي ماڻهن کي انهن جي اباڻي گهرن، ڳوٺن، زمينن ۽ چراگاهن (گائوچر) تان ظالماڻي انداز ۾ بي دخل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.