پير سفيد شاهه همدرد جون صحافين لاءِ خدمتون هميشه ياد رهنديون

ڪراچي (پ ر ) ڪائونس آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي ) پنهنجي سينيئر ميمبر ۽ پشتون روزنامي وحدت جي چيف ايڊيٽر سيد سفيد شاهه همدرد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، هڪ گڏيل بيان ۾سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي، سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، نائب صدر سردار خان نيازي، اڪرام سهگل، ارشاد احمد عارف، انور ساجدي، ڊاڪٽر حافظ ثناءُ الله خان، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عامر محمود، جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، طاهر فاروق، عارف بلوچ، تنوير شوڪت سميت تمام ميمبرن سينيئر صحافي ۽ سي پي اين اي جي ميمبر پير سفيد شاهه همدرد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو، سي پي اين اي اڳواڻن مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن جي صبر لاءِ دعا ڪئي، سي پي اين اي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پير سفيد شاهه همدرد خيبر پختونخوا جي معتر ۽ قد آور شخصيت هئي، هن وحدت پشاور جي نالي سان پشتو زبان ۾روزاني اخبار شروع ڪئي جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي، هن سي پي اين اي جي سينيئر ايڊيٽر ۽ اڳواڻ طور مقامي صحافين ۽ علائقائي اخبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون، پير سفيد شاهه همدرد جي لاڏاڻي سان صحافتي حلقي ۾خال پيدا ٿيو آحي جنهن کي ورهين تائين ياد رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.