اڏيري لال لڳ روڊ تي لڪڙا لڳائي ڀتي جي اوڳاڙي

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)ٽائون ڪميٽي اڏيرو اسٽيشن تي نصير واه صالح شاه موري وٽ غير قانوني طور تي لڪڙا ٽئڪس وسيلي اتان گزرندڙ گاڏين ۔جهڙوڪ ٽرڪ ۔مزدا ۔بسون ۔رڪشاءريڙھا گاڏي لوڊ واريون گاڏيون انهن کان ٻه سو کان هڪ سو پنجاه ۔ويه ٽيه  رپيا تائين جي هر روز اوڳاڙي ڪري روزانا هزارين رپيا ۽ ماهانا لکين رپيا ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي ۔ جڏهن ته ڪجه وقت اڳ ڊي سي مٽياري پرويز احمد بلوچ پاران عوامي شڪائتن  تي هتي لڳل غير قانوني لڪڙا ٽئڪس دورو ڪري ختم ڪرايو ويو هو ۔جنهن بعد وري اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آھي ۔ جڏهن ته هن ناڪي تان ماهانا لکين رپيا جي وصولي ٿئي ٿي ۔جيڪا وري ٽائون جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڄاڻائي ٿي وڃي پر ۔اڄ تائين ٽائون جي ڪنهن به ڪم ۾ اهي پئسا استعمال نه  پيا ٿين نه وري ڪو ان جو حساب ڪتاب آھي بس لڪڙي جي آڙ ۾ ڀتا خور مافيا عوام کي ناڪي جي بهاني ڦر لٺ لايو ويٺي آھي ۔ان سڄي ڪم ۾ ڪيترائي اهم اڳواڻ ملوث آھن جيڪي حصي پتي تي هي لڪڙا ناڪو لڳائي  سر عام ڀتا خوري ڪن پيا ۔جڏهن ته هن ڀتا خوري کي روڪڻ جي لاء جانچ ادارا بلڪل خاموش آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.