حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين جا انصاف لاءِ مظاهرا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب سامھون مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف ماڻهن پاران ڪالهه به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪنري جي ڳوٺ رامچند جي رهواسي رامچند ولد سمهيرو ڪولهي بااثر ماڻهن پاران سرڪاري زمين تان زبردستي لڏائڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته ڪنري جي نبي سر واهه سندس جي نالي سان ريلوي جي 13 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پراڻو ڳوٺ آباد آهي جنهن تي هو ٻني ٻارو ڪري پنهنجي ٻچن جو گذرسفر ڪندا آهن. تنهن تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي. مٽياري اڏيرو لال اسٽيشن جي رهواسي جهوني جيالي گووو عرف اشوڪ چند پارٽي قيادت پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ سندس ٻارن کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف دانهيو .ان موقعي تي جهوني جيالي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو،نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بي نظير ڀٽو سان گڏ نڪتل تصويرون ڏيکاريندي چيو ته هو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي ڪارڪن آهي هر ڏکي وقت ۾ پارٽي سان نڀايو آهي ڪڏهن به ڪنهن موڙ تي پارٽي کي ڇڏي لوٽو نه ٿيو آهيان اولاد لاءِ نوڪري ڏئي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.