فريادي جسٽس مظهر عالم جي گهر پهچي ويو، جج ڊرائنگ روم ۾ ڏسي حيران

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائيندڙ فريادي جسٽس مظهر عالم ميان خيل سان ملڻ سان سندس گهر پهچي ويو جنهن تي عدالت شهري تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ درخواستگذار ڪامران بنگش طرفان جج جي گهر وڃي ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.

جسٽس مظهر عالم ميان خيل پڇاڻو ڪيو ته ڪامران بنگش ڪير آهي؟ جوابدار روسٽرم تي آيو ته جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو توهان سمجهو ٿا ته عدالتون انصاف ناهن ڪنديون؟ ان ڪري منهنجي گهر ملڻ آيا!

ڪامران بنگش چيو ته ميرٽ تي ئي ته فيصلو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس مظهر عالم خيل ريمارڪس ڏنا ته توهان کي جيل موڪلينداسين ته ميرٽ تي فيصلي جي خبر پوندي.

جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو ته هن اِهو سمجهيو ته سندس سئوٽ ڪامران ملڻ آيو آهي، ڊرائنگ روم ۾ ويهي مون کي ڪامران بنگش چيو ته سڀاڻي منهنجو ڪيس توهان وٽ آهي، ڪو فريادي ائين جج سان ملڻ جي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

جوابدار ۽ هن جي والد طرفان معافي جي اپيل تي عدالت ڪامران بنگش کي هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اڄ ئي ايڌي فائونڊيشن ۾ ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائڻي پوندي يا جيل ويندئو.

جوابدار طرفان ڏنڊ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته جوابدار نوجوان آهي ۽ هن جي مستقبل کي ڏسندي توهين عدالت جي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ جوابدار جي والد هڪ لک رپيا ڏنڊ جي رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.