بابر اعظم ڪهڙن سخت مرحلن مان گذريو؟ ٻڌو سندس زباني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي ڪاميابين جو راز ٻڌائيندي چيو آهي ته مان جيڪو ڪجهه به آهيان، پنهنجي گهر ڀاتين جي سپورٽ ۽ پٺ ڀرائي جي ڪري آهيان.

بابر اعظم گهٽ وقت ۾ ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن، نه رڳو ايترو پر هو ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي کانپوءِ ٽيسٽ فارميٽ ۾ به پاڪستان جو ڪپتان بڻجي ويو آهي ۽ نيوزيلينڊ دوري ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪپتان طور فرض انجام ڏيندو.

نوجوان بيٽسمين هن وقت ٽيم سان گڏ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي، جتان خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان جيڪو ڪجهه به آهيان، پنهنجي فيملي جي ڪري آهيان.

هن ٻڌايو ته شروعات ۾ منهنجي گهر جون حالتون سٺيون نه هيون، ماءُ ڪجهه پئسا گڏ ڪيا هئا، مون کي کيڏڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڪٽ وٺڻي هئي، ماءُ گڏ ڪيل پئسا ڏنا ته جيئن مان ڪٽ وٺي سگهان.

سندس موجب منهنجي خيال ۾ اهي پئسا 3 کان 4 هزار رپيا هئا، انهن مان 2000 کان 2500 رپين جي ته رڳو بيٽ ملي، جڏهن مان پهريون ڀيرو نئين ڪٽ ڏٺي ۽ ان سان راند کيڏي ته ٿيل خوشي بيان نٿو ڪري سگهان، شروع جا 2، 3 سال ان ئي ڪٽ سان کيڏندو رهيس.

بابر اعظم چيو ته مان اها ڪٽ سنڀالي رکي هئي پر هاڻ نٿي لڀي، اهي ڪيريئر جي شروعات جون اهي ڳالهيون آهن، جن کي ڪڏهن نٿو وساري سگهان.

قومي ڪپتان جو چوڻ هو ته فيملي جيتري منهنجي سپورٽ ڪئي، ان تي سندن ٿورا نٿو مڃي سگهان، پيءُ ۽ ڀائرن ڏاڍي مدد ڪئي، خاص طور پيءُ جو ذڪر ڪندس، جيڪو مون کي هر ميچ تي وٺي ويندو هو ۽ ميچ ختم ٿيڻ تائين اتي موجود هوندو هو، هن سدائين منهنجي رهنمائي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.