جيڪي ٻار ماءُ جي لاڏاڻي تي نه آيا اهي ڏاڏيءَ لاءِ ڪيئن ايندا؟

 

گوجرا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شريف خاندان هن وقت ڏُک جي ڪيفيت ۾ آهي، ان موقعي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

گوجرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن کي به 12 ڪلاڪ پيرول تي آزاد ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، ان کان وڌيڪ وقت لاءِ آزادي جو معاملو ڪابينا ۾ آيو، شريف خاندان جا ٻه فرد جيل ۾ آهن، انهن لاءِ اسان سهولتڪاري ڪري رهيا آهيون.

فردوس عاشق اعواڻ ان موقعي تي به شريف خاندان تي تنقيد کان نه مُڙي ۽ چيائين ته جيڪي ٻار ماءُ جي لاڏاڻي تي نه آيا اهي ڏاڏيءَ لاءِ ڪيئن ايندا؟

سندس چوڻ هو ته ن ليگ پنهنجي ترجمانن ذريعي حڪومتي مورچن تي بمباري جاري رکندي ته حڪومتي توپون به چُپ نه رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.