نيتن ياهو جي دوري بعد اسرائيل سعودي کي قرنطينه ملڪن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جي مبينا سعودي دوري کان پوءِ اسرائيل جي صحت واري وزارت سعوديه کي ڪورونا وائرس جي ”گرين“ لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو.

ان فهرست ۾ انهن ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي جتان واپس ايندڙ ماڻهن کي آئسوليشن ۾ ناهي رهڻو پوندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي صحت واري وزارت تصديق ڪئي ته سعودي عرب کي هڪ ڏينهن اڳ محفوظ ملڪن واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو پر ان جو بينجمن نيتن ياهو جي ٻن ڏينهن اڳ سعودي شهر نيوم جي مبينا دوري سان تعلق هئڻ جي نفي ڪئي.

اسرائيلي صحت واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل هيزي ليوي سرڪاري خابرو اداري کي ٻڌايو ته اِهو عمل ڏاڍو سادو آهي جيڪو هر ٻن هفتن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي.

هن چيو ته گذريل فهرست ۾ سعودي عرب ”ريڊ“ ملڪن ۾ شامل هو پر هاڻ اُتي مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي پئي اچي ان ڪري هاڻ گرينب ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان جو ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن جي به دوري سان ڪو تعلق ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.