کپرو جي اقراء اردو پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ بڙا بورڊ ڪراچي طرفان سوئٽر ،شوز ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو ، اقراء اسڪول ۾ هڪ سادي تقريب رکي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر محمد حنيف قائمخاني، جبار اجميري، محمد اعظم مير ۽ ٻين اسڪول جي ٻارڙن ۾ ڪپڙا ۽ بوٽ ورهايا ، ان موقعي تي هيڊماستر محمد حنيف قائمخاني چيو تـ اڄ بڙا بورڊ ڪراچي جي طرفان غريب شاگردن لاء موڪليل گرم ڪپڙا ۽ بوٽ ورهايا آهن ، هن چيو ته اهڙيون سرگرميون هميشه ٿيڻ گهرجن .