ميرپور خاص: ڪورونا جي صورتحال بابت ويچارڻ لاءِ ڊي سي جي صدارت ۾اجلاس

ملڪ جي ٻين علائقن وانگر ميرپور خاص ڊويزن ۾ به ڪرونا ۾ شدت اچڻ کان پوء واري صورتحال بابت ويچارڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ  ڄي سربراهي ۾ درٻار هال ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تاجر تنظيمن سميت  ڪاروباري اڳواڻن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سلامت ميمڻ سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نئين ايس او پيز بابت ٻڌائيندي چيو ته هاڻي کير، سبزي، کاڌ خوراڪ ۽ ميڊيڪل جي دڪانن کان سواءِ  سڀ ڪاروباري مرڪز صبح 6 وڳي  کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا ، هن چيو ته شادي هال 9 وڳي تائين بند رهندا ۽ هوٽل ۾ ويهي کائڻ واري عمل تي پابندي هوندي صرف پارسل طور کليل هوندو،  هن چيو ته هاڻي ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي وٿي پڻ لازمي قرار ڏني وئي آھي جڏهن ته جمعي ۽ آچر تي دوڪان بند رهندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.