دادو ميونسپل ڪميٽي ملازم کي پگهار نه ملي، احتجاج

دادو ( ڊ ر ) دادو جي ميونسپل ڪاميٽي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ٿيڻ سبب 500 کان وڌيڪ ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب ملازم سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملازمن عبدالسلام جمالي، گلزار سولنگي، سهيل پنهور، منظور خاڪي رياض ۽ ٻين دانهيو ته ميونسپل ڪاميٽي دادو جو ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ٿيڻ سبب کين پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن، جنهن سبب ميونسپل جي 500 کان وڌيڪ ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ميونسپل ملازمن جون پگهارون جاري ڪري فاڪاڪشي کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.