ٺري ميرواهه : ميرواهه  ڪئنال تي ايريگيشن جي ايراضي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي

ٺري ميرواهه ۾ ميرواهه  ڪئنال تي ايريگيشن جي ايراضي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي،

اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواهه هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آبپاشي عملو ساڻ ڪري ميرواهه ڪيئنال تي ايريگيشن جي ايراضي ۾ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪاروائي ڪئي،هيوي مشينن جي ذريعي غير قانوني اڏاوتون ، گهر، ڇپرا، هوٽل، دوڪانون ، اسڪولن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر امتياز حسن راجپوت، آبپاشي ايس ڊي او عبدالغني شر، ڊي ايس پي ميرواهه فدا حسين اعواڻ، ايس ايڇ او ميرواهه غلام الدين ڪلوڙ ۽ انڪروچمينٽ عملو پڻ ساڻ موجود هو جڏهن ته بدامني کي روڪڻ لاءِ تعلقي جي مختلف ٿاڻن کان پوليس فورسز گهرائي وئي جيڪا سيڪيورٽي طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي هئي ٻئي طرف غريب ماڻهن ڏوراپا ڏيندي چيو ته غريبن جي جهوپڙن کي ڊاهي انهن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي

رپورٽ-ايم صالح شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.