ڪنڊيارو: حادثي جي صورت ۾طبي امداد ڏيڻ ۽ ڪورونا کان بچاءَ بابت تربيتي ورڪشاپ

ڪنڊيارو ۾ حادثي جي صورت ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ ۽ ڪورونا کان بچاء بابت موٽروي پوليس آفيس ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو۔ ڪنڊيارو موٽروي پوليس بيٽ 29 پاران موٽروي پوليس آفيس ۾ منعقد ورڪشاپ موٽروي پوليس ڊي ايس پي راشد علي شاھ جي صدارت ۾  ٿيو جنھن ۾ موٽروي پوليس جي ايڊمن آفيسر عجيب علي ۽ انسپيڪٽر عبدالرشيد سھتو سميت ٻين آفيسرن ۽ عملي شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي ڪنڊيارو اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر مختيار ميمڻ،يونس چنڙ ۽ ڊاڪٽر غلام شبير شاھ روڊ تي ڪنهن حادثي جي صورت ۾ زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي اهميت ٻڌائيندي چيو ته حادثي جي صورت ۾ زخمين کي موقعي تي ئي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ گهرجي جنهن سان انهن جي زندگي بچائي سگهجي ٿي، ۔ڊاڪٽرن جو وڌيڪ جو چوڻ ھيو ته ڪورونا جي موجودهه حالتن ۾ ماسڪ جو استعمال ۽ ھٿن کي ڌوئڻ وقت صابڻ جو استعمال ڪرڻ ۽ سماجي فاصلو رکڻ لازمي آهي۔

رپورٽ- ايف اي گهانگهرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.