بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو عورت آفيسر اي ايس پي ڪينٽ مقرر

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت پوليس آفيسر پري گل ترين کي اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ آف پولسي (اي ايس پي) ڪوئيٽا ڪينٽ مقرر ڪيو ويو.

پري گل ترين بلوچستان جي تاريخ ۾ پهرين عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.

پري گل ترين جو تعلق بلوچستان جي علائقي پشين سان آهي ۽ هو سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) امتحان پاس ڪري پوليس سروس آف پاڪستان ( پي ايس پي) ۾ شامل ٿيندڙ صوبي جي پهرين عورت به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.