وڏي وزير جو صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي آءِ سي يو منتقل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سماجي ڀلائي بابت صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير جي صلاحڪار جي ڀائٽي امير حيدر شيرازي موجب اعجاز شاهه شيرازي کي آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته اعجاز شاهه شيرازي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيو هو.

اعجاز شاهه شيرازي جي گهر ڀاتين سندس صحتيابيءَ لاءِ دعا جي درخواست ڪئي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۾ به ڪورونا جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.