قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ رواني

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي.

قومي اسڪواڊ لاهور کان پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام سان دبئي رستي نيوزيلينڊ روانو ٿيو ۽ قومي ڪرڪيٽر نيوزيلينڊ جي لنڪن يونيورسٽي ۾ 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهندا.

نيوزيلينڊ روانو ٿيندڙ 54 رڪني اسڪواڊ ۾ پاڪستان ٽيم ۽ پاڪستان شاهينز جا 34 رانديگر ۽ 20 آفيشلز شامل آهن.

نيوزيلينڊ پهچڻ کانپوءِ پهرين 3 ڏينهن اسڪواڊ مڪمل طور اڪيلو رهندو، ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ کانپوءِ رانديگرن کي گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ گروپن ۾ ئي ٽريننگ سميت ٻيون سرگرميون جاري رکي سگهندا.

قرنطينه دوران 3 ڪووڊ 19 ٽيسٽون ٿينديون، جڏهن ته 14 ڏينهن کانپوءِ اسڪواڊ کي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ جي اجازت هوندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ٽيسٽ ميچون کيڏندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ، ٻي 20 ڊسمبر تي هيملٽن، جڏهن ته آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 ڊسمبر تي نيپيئر ۾ ٿيندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان مائونٽ مائونگنائي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.

دوري دوران بابر اعظم پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻي جا فرض به انجام ڏيندو.

واضح رهي ته اوپننگ بيٽسمين فخر زمان بخار سبب نيوزيلينڊ دوري کان ٻاهر ٿي ويو هو.

دوري دوران پاڪستان شاهينز جي ٽيم 2 چئن ڏينهن واريون ميچون ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.