ايران سان جوهري معاهدو بحال نه ڪيو وڃي: نيتن ياهو

 

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايران سان 2015 ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي کي بحال نه ڪن، جنهن کان ڊونلڊ ٽرمپ هڪ طرفي طور عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي هئي.

اسرائيلي وزيراعظم نئين چونڊيل آمريڪي صدر کي اها اپيل هڪ بالواسطه پيغام ۾ ڪئي آهي.

ايندڙ سال 20 جنوري تي امڪاني طور آمريڪي صدر جو عهدو سنڀاليندڙ جو بائيڊن اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ايران يورينيم جي واڌاري بابت سخت شرطن تي عمل ڪري ٿو ته ان سان جوهري معاهدي کي بحال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.