حيدرآباد جي 17 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌڻ تي حيدرآباد جي 17 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر حيدر آباد فواد غفار سومرو حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ مسلسل واڌ جي ڪري 6 يوسيز جي 17 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

اسمارٽ لاڪ ڊائون اڄ صبح 9 وڳي کان 5 ڊسمبر تائين 13 ڏينهن لاءِ لاڳو هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب بلديا ڪالوني، مارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني جڏهن ته لطيف آباد جي علائقن دامن ڪوهسار، يونٽ نمبر 6، ايئر پورٽ روڊ ۽ قاسم آباد جي علائقن نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، واڌو واهه روڊ، ڀٽائي ٽائون، گلستان سجاد ۽ ٻين علائقن ۾ اڄ صبح 9 وڳي کان 5 ڊسمبر تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.