”حڪومت ۾ ٿوري به انسانيت آهي ته نواز شريف جي ملڪ واپسيءَ ۾ رنڊڪون نه وجهي“

 

سکر (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو آهي ته ميان نواز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي سبب سنڌ ۾ سياسي سرگرگميون معطل رهنديون، حڪومت ۾ جيڪڏهن انسانيت باقي آھي ته ميان نواز شريف جي ملڪ واپسيءَ ۾ رنڊڪون نه وجهي.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمد شاهه چيو ته عوام جيترو جلدي ڪنٽينر ڪورونا وائرس حڪومت مان جان آجي ڪرائيندو ته وڌيڪ نقصان کان بچي سگهندو، حڪومت پاڻ جلسا ڪري ڪورونا پکيڙيو ۽ هاڻي پي ڊي ايم جي جلسن کان خوف زده ٿي ڪورونا جو شوشو ڇڏي رهي آهي.

هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ عوامي سمنڊ ڏسي تحريڪ انصاف جي حڪومت گهٻرائجي وئي آھي، پي ڊي ايم پشاور کان پوءِ ملتان ۽ لاهور ۾ به ضرور جلسا ڪندي، قائدن جي امڙ جي تدفين ۽ تڏو کڻڻ کانپوءِ وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.