تعليمي ادارن بابت وفاقي وزير شفقت محمود جو اهم بيان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم فيصلن جو اعلان سڀاڻي ٿيندو.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت کانپوءِ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

ان ڏس ۾ تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اهم ڪانفرنس سڀاڻي ٿيندي، جنهن ۾ تعليمي ادارن بابت فيصلا ڪيا ويندا آهن.

هن چيو ته اجلاس ۾ اهم فيصلن جو اعلان سڀاڻي منجهند پريس ڪانفرنس ۾ ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.