سام سنگ جو هڪ ٻيو سستو ترين فون پر اڳ کان وڌيڪ طاقتور

 

سام سنگ گذريل سال ڊسمبر ۾ گليڪسي اي 01 متعارف ڪرايو هو، جيڪو ان ڪمپني جو سستو ترين فون به آهي.

هاڻ ان جو اپ ڊيٽ ورزن ”گليڪسي اي 02“ جي صورت ۾ جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي، جيڪو وڌيڪ طاقتور هوندو.

گليڪسي اي 01 جي ڀيٽ ۾ گليڪسي اي 02 فيچرز جي لحاظ سان وڌيڪ بهتر هوندو.

ليڪس موجب ان فون کي ڪجهه مارڪيٽن ۾ گليڪسي ايم 02 جي نالي سان پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ 3 جي بي ريم ۽ سنيپ ڊريگون 450 پراسيسر موجود هوندو.

ان فون ۾ ڊسپلي ساڳيو 5.7 جي ئي هوندو، جنهن ۾ ايڇ ڊي پلس سپورٽ ڏني ويندي، جنهن سان 8 ميگا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل ڪئميرائون هونديون.

گليڪسي اي 02 جي قيمت جي في الحال خبر ناهي پر امڪان اهو ئي آهي ته گليڪسي اي 01 جي لڳ ڀڳ هوندي، جيڪا هن وقت 16 هزار رپين ۾ ملي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.