ڪورونا جي ٻي لهر ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ٽين لهر جو خطرو

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪن ڪورونا جي ٻي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب قدم نه کنيا ته ايندڙ سال جي منڍ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جو خطرو به موجود آهي.

ڊبليو ايڇ او جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ڊيوڊ نابارو هڪ سوئس اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن بنيادي ڍانچو نه بيهاريو ويو ته ويجهي مستقبل ۾ عالمي دنيا ڪورونا جي هڪ ٻي لهر کي منهن ڏئي سگهي ٿي.

پنهنجي انٽرويو ۾ هن ايشيائي ملڪن جي ردعمل کي ساراهيو ۽ يورپي ردعمل کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

سندس چوڻ هو ته ايشيائي ملڪن نرمين ۾ تڪڙ نه ڪئي، جڏهن ته يورپ ائين ڪيو ۽ ان جو ئي نتيجو هاڻ ٻي لهر جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.