ڪشمور: شهرين جو پشاور کان ڪراچي هلندڙ ريل جي بحاليءَ لاءِ احتجاج

ڪشمور ۾ شهرين پاران پشاور کان ڪراچي هلندڙ ريل خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي بحاليءَ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي دلمراد سولنگي، محمد حيات سولنگي ، فقير واحد بخش لاشاري، حضور بخش چاچڙ ۽ ٻين چيو ته ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد سنڌ جي دوري دوران ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي پهچي اعلان ڪيو هو ته پشاور کان ڪراچي تائين خوشحال خٽڪ جلد بحال ڪئي ويندي . اڃا  تائين ڪا به مسافر ريل گاڏي جيڪب آباد ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرف ٽريڪ تي ناھي ھلائ وئي.

احتجاج ڪندڙن وزير اعظم عمران خان ۽ شيخ رشيد کان مطالبو ڪيو ته خوشحال خان خٽڪ ريل گاڏي ھلائ ڪشمور ضلعي سميت سنڌ جي عوام کي سفري سھولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.